پاڪستانسنڌ

ميهڙ ۾ ڦر جا جوابدار آزاد ڪرڻ خلاف متاثرن جو احتجاج

ميھڙ: ميهڙ لونگ مهيسر جي رهواسين وزير مهيسر ۽ سليم مهيسر نيشنل پريس ڪلب آڏو بي سيڪشن پوليس جي زيادتين ۽ ڦر جا جوابدار آزاد ڪرڻ خلاف احتجاج ڪندي چيو ته مهينو اڳ اسان بئنڪ مان پئسا ڪڍي کڻي وڃي رهيا هئاسين ته نامعلوم جوابدار اسان کان پنج لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا، بعد ۾ ميهڙ پوليس ڦر ٿيل موبائل ٽريس ڪري جوابدار گرفتار ڪري کڻي آئي ۽ اسان کي مليل موبائل ڏيکاريندي چيو ته موبائل ٽريس ڪري جوابدار گرفتار ڪيا آھن، ڪجهه شيون مليون آھن، پئسا واپس ڪرايون ٿا، پر هاڻي رڳو آسرا ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ايس ايڇ او بي سيڪشن ميهڙ جوابدارن کي بااثرن جي چوڻ تي ڳري رشوت عيوض آزاد ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي ڦر ٿيل پئسا واپس نه ڪري رهيو آهي. هنن ايس ايس پي دادو کان گهر ڪئي آھي ته واقعي جي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button