پاڪستانسنڌ

ڪڪڙ ۾ قتل جي مک جوابدار جي گرفتاري لا وارثن جو مظاهرو

ڪڪڙ: ڪڪڙ ويجهو ڳوٺ مراد ٻٻر ۾ مقتول غلام ياسين ٻٻر جي وارثن غلام شبير ٻٻر، جعفر علي، مراد ٻٻر، عمران، جاويد ٻٻر، حضوران، فرزانه، مريم، ياسمين ٻٻر ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ڪجهه وقت اڳ خيرپورناٿن شاهه ٿاڻي جي حد ۾ زمين جي معاملي تان بااثر غلام مصطفيٰ ٻٻر هٿياربند ساڻ ڪري زمين تي بيٺلن مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ غلام ياسين موقعي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، جنهن جو ڪيس اسان غلام مصطفيٰ ٻٻر، رياض ٻٻر، قمرالدين ٻٻر، منٺار عرف مرچو ساريو، رياض ٻٻر، ذوالفقار ٻٻر ۽ غلام الدين ٻٻر خلاف داخل ڪرايو، جنهن بعد پوليس ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو آھي پر اڃا تائين مک جوابدار کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، جوابدار ڪي اين شاهه ۾ سردار ٻٻر جي واڙي تي ويٺو آھي پر پوليس گرفتار نه ڪري رهي آهي. اسين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيون ٿا ته مقتول غلام ياسين ٻٻر جي خون سان انصاف ڪندي مک جوابدار گرفتار ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس اڳيان پاڻ کي به ڏئي ساڙينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button