پاڪستانسنڌ

اڳڙا ڀرسان گهر کي باهه، 4 ڍور سڙي ويا، الهه تلهه رک

اڳڙا: اڳڙا لڳ ڳوٺ مهر واهڻ ۾ رياض علي ڪٽڀر جي گهر کي اوچتو باهھ لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ چار ڍور سڙي مري ويا ۽ پنج زخمي ٿي پيا، جڏهن ته گهر ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو. ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائي. باهھ متاثرن جو چوڻ هو ته اسان غريبن مسڪين ماڻهو آھيون، اسان فائر برگيڊ جي عملي کي اطلاع ڏنو پر عملو نه پهچڻ سبب اسان جو لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، گهر سڙڻ بعد کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون، پر ڪنهن به سار نه لڌي آهي. هن اختيارين کان سهائتا جي اپيل ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button