پاڪستانسنڌ

حيدرآباد ۾ راهوڪي شاخ جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

حيدرآباد: حيدرآباد جي راهوڪي سينٽر ٽيل جي آبادگارن پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ پاڻي چوري خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي سيد لطف الله شاهه ۽ ٻين چيو ته گذريل ٽن مهينن کان راهوڪي سينٽر ٽيل ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ننڍن آبادگارن جون زمينون بنجر بڻايون ويون آهن.

جڏهن ته بااثر ماڻهن جي زمينن کي پاڻي مسلسل فراهم ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته پاڻي نه ملڻ سبب ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان آهن. هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم ڪري ڪرپٽ آبپاشي عملي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button