پاڪستانسنڌ

تلهار ۾ مڪاني چونڊن جو چهچٽو تيز، اميدوارن ورڪ تيز ڪري ڇڏي

تلھار: تلھار ۾ بلدياتي چونڊن جي سلسلي ۾ مختلف اميدوارن پاران ورڪ ۾ تيزي آندي وئي آهي، ايندڙ بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان نيئن تڪ بندي تحت وارڊ نمبر 6 ۾ ملاح برادري پاران گڏجاڻي رکي وئي، جنهن جي صدارت امير البحر ويلفيئر آرگنائيزيشن ضلعي بدين جي صدر ۽ پ پ تعلقه تلهار جي نائب صدر علي نواز ملاح ڪئي.

گڏجاڻي ۾ ملاح برادري جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سموري ملاح برادري نبي بخش ملاح تي مڪمل اعتماد ڪندي اهو فيصلو ڪيو ته ايندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ اسان جو اميدوار نبي بخش ملاح هوندو. ان موقعي تي جمشيد علي ملاح، اويس علي ملاح، سومار پٽيل ملاح، علي نواز ملاح، الھجڙيو ملاح، ڪريم بخش ملاح ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button