پاڪستانسنڌ

ٽنڊوباگو ۾ موٽرسائيڪل جو ٽڪر لڳڻ سبب واٽهڙو فوت، 3 ڄڻا زخمي

ٽنڊوباگو: ٽنڊوباگو-بدين روڊ تي موٽرسائيڪل جي ٽڪر لڳڻ ڪري واٽهڙو فوت، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، خبر موجب ٽنڊوباگو-بدين روڊ تي موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ زخمي ٿيل ڳوٺ جاني سوهو جو رهواسي 35 سالن جو نوجوان شاهنواز پٽ نصراللہ سوهو، مٺو ميگهواڙ، بابو ميگهواڙ ۽ سندس زال مينا ميگهواڙ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي انڊس اسپتال بدين پهچايو ويو.

جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شاھنواز سوهو کي حيدرآباد اسپتال ريفر ڪيو ويو پر هو حيدرآباد اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. فوتي شاھنواز سوهو جي لاش کي بنا پوسٽ مارٽم ۽ ڪيس داخل ڪرائڻ جي وارث ڳوٺ کڻائي ويا. جڏھن ته موٽرسائيڪل تي سوار ٿيل مٺو، بابو ۽ مينا ميگهواڙ کي انڊس اسپتال بدين ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button