پاڪستانسنڌ

هالا ۾ ڇر مائينر ۽ تارا مائينر جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

هالا: هالا جي ڇر مائينر ۽ تارا مائينر ٽيل جي آبادگارن پاران شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف هالا پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، آبادگارن آغا رياض حسين، الله بچايو چانڊيو، احسن ارباب، محمد بخش نظاماڻي، غلام رضا راهو ۽ ٻين چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب علائقي ۾ ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، آبپاشي عملدار منڍ جي وڏن زميندارن کي خوش ڪرڻ لاءِ پڇڙي جي آبادگارن کي تباهه ڪري رهيا آهن.

ٽن مهينن کان وٺي ڇر مائينر ۾ پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه آهي شاخن ۾ واري اڏامي رهي آهي، پاڻي نه هجڻ سبب ڪروڙين رپين جا تيار بيٺل فصل سڪي تباهه ٿي ويا آهن جڏهن ته هاڻ انسانن توڙي جانورن جي پيئڻ لاءِ به پاڻي نه آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نيو شيخاڻي مائنر جي ليول درست ڪري کين پاڻي ان مان ڏنو وڃي، هنن چتاءُ ڏنو ته اگر هڪ مهيني اندر اسان جي پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيو ته اسين قومي شاهراهه تي اڻ ڄاڻايل مدي تائين ڌرڻو هڻنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button