پاڪستانغير درجه بندي

منڪي پاڪس جي خطري سبب ملڪ جي اسپتالن ۾ هاءِ الرٽ

ڪراچي: ڪرونا کانپوءِ نئين وائرس سموري دنيا ۾ خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي جنهن جا ڪيسز هينئر تائين 11 ملڪن ۾ رپورٽ ٿي چڪا آهن. پاڪستان به ان بيماري جي خطري کي نظر ۾ رکندي صحت جي قومي اداري منڪي پاڪس بابت الرٽ جاري ڇڏيو آهي. صحت جي قومي اداري پاران صحت جي وفاقي توڙي صوبائي اختيارين کي منڪي پاڪس جي شڪي ڪيسن بابت هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي ملڪ جي سمورن داخلي ۽ هوائي اڏن تي مسافرن جي نگراني ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته ان ڏس ۾ اسپتالن ۾ موجود طبي عملي کي منڪي پاڪس جي شڪي مريضن سان احتياط سان پيش اچڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي. جڏهن ته دنيا ۾ منڪي پاڪس جا 92 تصديق ٿيل ۽ 28 شڪي ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن. ماهرن جو چوڻ آهي ته منڪي پاڪس متاثر ٿيندڙ شخص کي ڇهڻ ۽ داڻن جي رت لڳڻ سبب پکڙجندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button