اسلام آبادپاڪستان

چيف جسٽس عمر عطا بنديال دنيا جي سئو بااثر شخصيتن ۾ شامل

واشنگٽن: آمريڪي رسالي ٽائم ميگزين سال 2022ع جي 100 بااثر شخصيتن جي فهرست جاري ڪئي آهي جنهن ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال پڻ شامل آهي. ٽائيم ميگزين هر سال جيان هن ڀيري به مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ دنيا جي هڪ سئون بااثر ترين فردن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ سياستدان، فنڪار ۽ رانديگر پڻ شامل آهن. آمريڪي رسالي دنيا جي بااثر اڳواڻن جي لسٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال کي، يوڪريني صدر ولودومير زيلنيسڪي، چين جي صدر شي جن پنگ، روسي صدر ولاديمير پيوٽن، آمريڪي صدر جو بائيڊن سميت ٻين اڳواڻن سان گڏ شامل ڪيو آهي. رسالي ۾ سندس اعتزاز احسن سندس تعارف لکندي چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پهريان ئي پاڪستان ڏکيائين جو شڪار هو ۽ اڄ ان جي معيشت تباهي ڏانهن وڌي رهي آهي، جنهن سبب پاڪستان هڪ ٻئي بحران ڏانهن وڌي رهيو آهي. تعارف ۾ لکيو ويو آهي ته هو نرم مزاج چيف جسٽس آف پاڪستان آهي جيڪو وڌندڙ گرمي پد جي روڪٿام جو ڪم رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button