پاڪستانخيبرپختونخوا

حڪومت 7 سئو اڳواڻن جي گرفتاري جو منصوبو جوڙيو آهي: تحريڪ انصاف

پشاور: تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان 25 مئي تي پشاور کان اسلام آباد پهچندو. پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته عمران خان 25 مئي جي صبح پشاور مان نڪرندو ۽ ريلي سان گڏ اسلام آباد پهچندو. هن چيو ته اسلام آباد پهچڻ جو سڏ خيبر پختونخوا ۽ پنجاب لاءِ آهي، ڪراچي ۾ انقلاب ايندو، اتي ماڻهو نڪرندا، ان کانسواءِ ڪوئيٽا، حيدرآباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ به احتجاج ٿيندو ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين ايندڙ حڪمت عملي جو اعلان 3 جون تي ڪندو. سندس چوڻ هو ته لکين ماڻهن کي اسلام آباد پهچڻ کان ڪير نٿو روڪي سگهي، اسان جون عورتون، ٻار، ايڪس سروس مينز، ڊاڪٽرز ۽ بيورو ڪريٽس جون فيمليون هونديون، اسان جي لانگ مارچ ۾ رٽائرڊ جنرل هوندا. فواد چوڌري دعويٰ ڪئي ته حڪومت 700 پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاري جو پلان ٺاهيو آهي، حڪومت عقل کان ڪم وٺي، ڀڀڪين سان معاملو حل نه ٿيندو ۽ لٺ ۽ گولي سان اهو لانگ مارچ رڪجڻ وارو ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button