پاڪستان

عمران خان آمريڪا کان ڊونلڊ لو جي برطرفي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان آمريڪا کان نائب آمريڪي پرڏيهي وزير ڊونلڊ لو جي برطرفي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته آمريڪي نائب پرڏيهي وزير 7 مارچ تي پاڪستاني سفير سان ڳالهايو، آمريڪي نائب پرڏيهي وزير چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت کي بي اعتمادي سان هٽايو وڃي. هن چيو ته ان آمريڪي نائب پرڏيهي وزير ڊونلڊ لو کي عهدي تان هٽائڻ گهرجي ها، هن پاڪستان جي معاملن ۾ کليل نموني مداخلت ڪئي. روس جي دوري بابت سندس چوڻ هو ته اهو دورو يوڪرين جي جنگ کان اڳ طئي هو، جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ روس وڃان ها ته شڪايت ٺهي پئي، ڪنهن کي به خبر نه هئي ته روس يوڪرين تي حملو ڪندو، اسان جي فوج کي سامان گهربل هو، اسان کي تيل جي ضرورت هئي جڏهن ته ماسڪو سان رولڙي جو شڪار گئس پائپ لائن تي ڳالهائڻو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button