پاڪستان

بلاول ڀٽو زرداري ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت لاءِ ڊيووس پهچي ويو

ڊيووس: پرڏيهي معاملن وارو وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري ورلڊ اڪنامڪ فورم ۾ شرڪت لاءِ سئٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس پهچي ويو آهي. ورلڊ اڪنامڪ فورم جي صدر جي دعوت تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو اجلاس ۾ شرڪت لاءِ سئٽزرلينڊ پهتو. هو 26 مئي تائين سئٽزرلينڊ ۾ موجود رهندو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر به ڊيووس پهتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ورلڊ اڪنامڪ فورم جي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري وبائي مرض، خوراڪ ۽ توانائي جي تحفظ بابت نقطه نظر پيش ڪندو. اجلاس ۾ بلاول ڀٽو زرداري مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. واضح رهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو آمريڪا ۽ چين جا دورا ڪري چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button