پاڪستانپنجاب

عمران کي اچڻ ڏيو، لانگ مارچ حڪومت نه اسٽيبلشمينٽ خلاف آهي: مريم نواز

لاهور: مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان کي اچڻ ڏيو ڏسون ٿا ته ان ۾ ڪيترو دم آهي. مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن پوليس اهلڪار کي ڊيوٽي دوران گهر مان فائرنگ ڪري شهيد ڪيو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن وٽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل، هٿيار ۽ ڏنڊا آهن ۽ هنن جي ڪوشش آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن مٿان حملا ڪريون. ڪانسٽيل کي شهيد ڪرڻ سان هنن جا ارادا کلي قوم جي سامهون اچي ويا آهن. مريم نواز چيو ته حڪومت مان ڪڍڻ تي هن کي صدمو پهتو ۽ چيو ويو ته مون کي قتل ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. اوهان پنهنجن ٻارن کي لنڊن ۾ ويهاريو آهي، اوهان قوم جي ٻارن کي مارائڻ چاهيو ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button