پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ بااثرن خلاف پي ۽ پٽن جو احتجاج

ميرپورخاص: ميرپورخاص جي علائقي ھيرآباد جي رهواسي زخمي شھري محمد يوسف يوسفزئي پنھنجي پٽن محمد وقاص ۽ محمد عارف سان گڏ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. بعد ۾ هن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مشھور منشيات فروش عبدالعزيز پريمي سان زمين جي مالڪي تان تڪرار ھلندڙ آھي، زمين جو ڪورٽ ڪيس ۾ ھلي رھيو آھي، پر بااثر پوليس ۽ ھٿياربندن معرفت اسان جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آھي، ماضي ۾ اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا. گذريل رات بااثر عبدالعزيز، شاھد، عارف غوري، رئيس ڪاٽن، عبداللھ، خرم ۽ ٻين ھٿيارن سميت اسان جي گھر تي ڪاهھ ڪري اسان مٿان وحشياڻو تشدد ڪيو، جنھن ۾ آئون ۽ منھنجا 2 پٽ زخمي ٿي پيا، ٿاڻي تي وياسين، پر پوليس بااثر منشيات فروش ۽ سندس ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي رڳو علاج لا ليٽر ڏنو. بااثرن ۽ پوليس مان خطرو آھي. هن اعلى اختيارين کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button