پاڪستانسنڌ

صحافي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف ڪوٽڙي ۽ ٿاڻوبولاخان ۾ مظاهرا

ڪوٽڙي/ٿاڻوبولاخان: ڪوٽڙي ۾ ڄامشورو جي صحافي ربڏنو ابڙو تي سول اسپتال حيدرآباد جي انتظاميا پاران ڪوڙو ڪيس داخل خلاف ايڇ يو جي ڄامشورو جي سڏ تي ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڪوٽڙي اڳيان ايڇ يو جي ضلعي صدر قربان پنھور، سينيئر صحافي اسماعيل باريجو، مجيد بلوچ، نويد پنھور، سرمد شورو، اعجاز مغل، نويد راجپوت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. هنن چيو ته سول اسپتال انتظاميا پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لا صحافي ربڏنو ابڙو تي جڙتو ڪيس داخل ڪرايو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سول اسپتال حيدرآباد جي ڪرپٽ آفيسر ستار جتوئي کي ھٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو. ٿاڻو بولا خان ۾ صحافي غلام مصطفيٰ ميمڻ، امتياز مڱڻھار، سھيل ميمڻ، گھنشام داس سامناڻي، سرور خاصخيلي، راشد مڱڻھار، ربنواز ميمڻ ۽ گاگن داس ڪوھستاني جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button