پاڪستانسنڌ

ڪلوئي ۾ ڏيپلو مائينر جي آبادگارن جو ايس ڊي او آبپاشي خلاف مظاهرو

ڪلوئي: ڏيپلو مائينر جي آبادگارن محمد عيسى لنڊ، علي بهادر لنڊ، رياض درس ۽ رازق ڏنو درس جي اڳواڻي ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ ايس ڊي او آبپاشي خلاف ڏيپلو مائينر جي منڍ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته اسان جي ڏيپلو مائينر کي ايس ڊي او بدر ميمڻ هٿرادو دڪو هڻي پاڻي بند ڪيو آهي، جيڪو ظلم آهي. هنن چيو ته اسان جي ڪو دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، ايس ڊي او بدر ميمڻ بااثر زميندارن کان پئسا وٺي اسان جو پاڻي بند ڪيو آهي. 24 ڪلاڪ اندر ڏيپلو مائينر تان دڪو نه هٽايو ته اسان پاڻ هٽائينداسين. هوڏانهن سب ڊويزن نئون جي ايس ڊي او بدر ميمڻ چيو ته رڻ شاخ مان نڪرندڙ ڏيپلو مائينر جو آبادگارن هٿرادو دڪو ٽوڙيو آهي، جنهن ڪري اسان ٻيهر دڪو هنيو آهي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي انجنيئر مٺڙائو غلام عباس چيو ته اڄ آئون ارڙهين ميل دڪي تي اچي ڏيپلو مائينر کي لڳل دڪو ڏسندس ۽ ايس ڊي او ۽ آبادگارن جون ڳالهيون ٻڌي مسئلو حل ڪندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button