ڊگهڙي: ڊگهڙي شهر جي يوسف آباد ڪالوني جي رهواسي محمد عمران آرائين پريس ڪلب ۾ صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته آئون ماهوار بجلي جو بل مقرر تاريخ تي ادا ڪندو رهندو آهيان، ان باوجود حيسڪو عملي لائين لاسز پورا ڪرڻ لا هزارين رپيا ڊٽيڪشن لڳائي وڌيڪ بل موڪليو آهي، جيڪو ظلم آهي، هاڻ مختلف طريقن سان تنگ ڪيو پيو وڃي، جائز مسئلو حل ڪرائڻ لا حيسڪو آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيو آهي، پر ڪير ٻڌي نٿو. شهر ۾ رشوت عيوض سوين ناجائز ڪنيڪشن ڏنا ويا آهن. هن چتا ڏنو ته 3 ڏينهن اندر مسئلو حل نه ڪيو ويو ته آئون ايس ڊي او آفيس اڳيان پاڻ کي باهھ ڏئي ساڙيندس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close