اسلام آباد:حڪومت تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) کي لانگ مارچ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ کي خوني مارچ قرار ڏيندي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. وفاقي گهرو وزير اعلان ڪيو آهي ته حڪومت لانگ مارچ جي نالي تي فتنو فساد ڦهلائڻ جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏيندي. جيڪڏهن لانگ مارچ کي خوني احتجاج نه سڏين ها، عوام سان فتنو ۽ انتشار پکيڙڻ جي ڳالهه نه ڪن ها ته اسان ان جي راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجون ها. اسلام آباد ۾ وفاقي وزيرن سان گڏ راڻا ثناءُ الله اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته اهي پشاور مان ماڻهو گهرائي وفاق تي حملو ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏني ويندي. گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته لانگ مارچ جي نالي تي قوم کي ورهائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، اهي ماڻهو هاڻ گارين کان گولين تائين اچي ويا آهن. پي ٽي آءِ جو ڪو لانگ مارچ نه پر هي فتني فساد جو لانگ مارچ آهي. هن چيو ته ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ کي لانگ مارچ جي نالي تي فتنو فساد ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ويندي، کين روڪيو ويندو ته جيئن هي پنهنجي گمراهي ۽ قوم کي ورهائڻ واري ايجنڊا کي اڳتي نه وڌائي سگهن. انهن ماڻهن ان کان پهريان به سال 2014ع ۾ اهو سڀ ڪيو هو، هي هاڻي گارين کان گولين تي لهي آيا آهن، لاهور ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو آهي. گهرو وزير چيو ته هونئن ته هي وڏا بهادر لڳا وتندا آهن، پر هاڻي سندس سموري قيادت پشاور ۾ گڏ ٿي آهي. ڪير به پنهنجن گهرن ۾ ناهي، سموري ليڊر شپ ڪي پي ڪي جا سمورا وسيلا ۽ صوبائي فورسز ساڻ ڪري وفاق تي حملو ڪرڻ اچي رهيا آهن. هي اتان وڏي جٿي جي صورت ۾ سڀاڻي اچڻ چاهين ٿا، اهڙو جٿو جنهن جي ڪا به آئيني حيثيت نه هجي. جيڪو سرڪاري وسيلن کي غير آئيني ۽ غير قانوني طريقي سان وفاق تي حملو ڪرڻ اچي رهيو هجي، ان کي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏينداسين. راڻا ثناءَ الله چيو ته عمراني فتني جي گمراهي جو شڪار ماڻهن کي خبردار ڪريان ٿو ته ان گمراهي مان ٻاهر نڪرن، هي هڪ قومي مسئلو آهي ۽ ملڪ جي بقا جو مسئلو آهي. هي بدنصيب قوم کي ورهائڻ ۽ گمراهه ڪرڻ چاهي ٿو. هن جو چوڻ هو ته پر امن احتجاج ۽ اظهار راءِ سڀني جو حق آهي پر هي پر امن احتجاج ڪرڻ نه پيا اچن، هي ان کان پهريان به پر امن احتجاج جي نالو وٺي آيا هئا پوءِ جيڪو ٿيو اهو سڀني جي سامهون آهي. جيڪڏهن هي احتجاج کي خوني احتجاج جو رنگ نه ڏين ها ته اسان سندن رستا روڪ نه ڪيون ها، ان ڪري هن فتني کي ان ئي مرحلي تي روڪيو ويندو، اها تمام وڏي خدمت هوندي. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن کي به رياست جي گادي واري شهر جو گهيراءُ ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. اسلام آباد جي شهرين، واپارين جي جان ۽ مال جي ذميواري حڪومت تي آهي، جيڪا هر قيمت تي ادا ڪنداسين.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close