اسلام آبادپاڪستان

سپريم ڪورٽ ۾ رستن جي بندش خلاف درخواست شنوائي لاءِ مقرر

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جو لانگ روڪڻ لاءِ رستن جي بندش ۽ ڇاپن خلاف درخواست شنوائي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن کي شنوائي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ڪيس جي شنوائي ڪندي. جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي به بئنچ جو حصو هوندا. واضح رهي ته وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ لانگ مارچ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ گڏوگڏ اسلام آباد کي سيل ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button