ڄامشورو: لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ قائم مارڪيٽ اتحاد چيئرمين اختر حسين قريشي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ خلاف مارڪيٽ ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي دڪاندارن راجا رند، وسيم قريشي، اسحاق پليجو، نسيمه پٺاڻ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪجهه شرپسندن سڪندر جوڻيجو ۽ مشتاق ڀلائي طرفان مارڪيٽ اتحاد چيئرمين اختر حسين قريشي مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي. هنن مطالبو ڪيو ته اختياريون نوٽيس وٺي اختر حسين قريشي مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close