خيرپور: خيرپور ڀرسان ڳوٺ ڀاڻو ڦلپوٽو ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، فائرنگ، معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا قتل، عورت سميت 2 ڄڻا زخمي، گھرن کي باھيون. خبر موجب شاھه حسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀاڻو ڦلپوٽو ۾ زمين جي مالڪي تان ٻن ڌرين ۾جهيڙو ٿي پيو، جنھن دوران ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٽن ورھين جو معصوم پيرل ۽ نادر حسين ڦلپوٽو موقعي تي قتل ٿي ويا. جڏهن مقتول ٻارڙي پيرل جي ما حفظانِ ۽ نعيم ڦلپوٽو زخمي ٿي پيا. ٻئي پاسي مقتولن ۽ زخمين کي سول اسپتال خيرپور آندو ويو، جنهن بعد مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. جڏهن ته زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. هوڏانهن شاهه حسين پوليس جھيڙو ٽارڻ لاءِ علائقي ۾ پوليس پڪٽ قائم ڪري ورتي. آخري اطلاعن تائين ٻنهي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جاري هئي ۽ ڌرين هڪ ٻئي تي ڇتي فائرنگ ڪئي، جنهن سبب علائقي ۾ خوف ڇائنجي ويو. جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه آئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close