پاڪستانسنڌ

محمد خان احمداڻي سڄي زندگي هارين جي حقن لا جدوجهد ڪئي: ورسي تقريب

نئون دمبالو: نئون دمبالو ۾ وطن دوست جهموري پارٽي، جيئي سنڌ محاذ ۽ عوامي ورڪر پارٽي پاران اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ مرحوم ڪامريڊ محمد خان احمداڻي جي ٽين ورسي ملهائي وئي. جنهن کي طبقاتي جدوجهد جي اڳواڻن ڪامريڊ ايوب ڪنڀر، ڪامريڊ مختيار ميمڻ، علي شاھه، ڪامريڊ اقبال، اعجاز احمداڻي، ھاشم کوسو، ھمت پتافي، معروف احمداڻي، عرض محمد رڪڙ، ڪامريڊ بخشل لگهو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ محمد خان احمداڻي پنهنجي سڄي زندگي طبقاتي نظام جي خاتمي ۽ عام انسان جي حقن جي جاکوڙ ۾ وقف ڪري ڇڏي.

ھنن چيو ته ڪامريڊ هميشه غريب ڏتڙيل ۽ ھارين جي حقن لا جدوجهد ڪئي، ڪامريڊ جي صحبت ۾ رھندڙ نوجوان به سندس مشن ۾ قدم سان قدم ملائيندي عام انسان جي فلاح ۽ بهبود لا ڪم ڪندا رھيا آھن. ھنن چيو ته اسان کان ڪامريڊ محمد خان احمداڻي جسماني طور اسان کان وڇڙي ويو آھي پر ھو روحاني طور تي اسان سان گڏ آھي ۽ سندس ڪيل خدمتن کي ھميشه ياد رکيو ويندو,

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button