اسلام آبادپاڪستان

قوم اسلام آباد اچي پئي،راڻا ثناءُالله اجازت پاڻ وٽ رکي:شيرين مزاري

اسلام آباد : اڳوڻي انساني حقن واري وزير شيرين مزاري لانگ مارچ جي اجازت بابت چيو آهي ته راڻا ثناءُالله يا ڪابينا کان ڪنهن اجازت ناهي گهري. عوام اسلام آباد اچي رهيو آهي، گهرو وزير پنهنجي اجازت پاڻ وٽ رکي. اهڙن خيالن جو اظهار شيرين مزاري پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته لکين ماڻهو اسلام آباد ايندا، ان جي اجازت جي ضرورت نه آهي. صحافي جو سوال ته رستا بند ڪيا پيا وڃن، ڪيئن اسلام آباد پهچندا. هن جواب ڏيندي چيو ته ڏسون ڇا ٿئي ٿو. پريس ڪانفرنس ۾ شاهه محمود قريشي کي ايندڙ ڪال بابت صحافي جي سوال تي شيرين مزاري چيو ته مان ته ڪائي ڪال ناهي ٻڌي پر اها ٽي وي چينلز تي سڀني ٻڌي ورتي آهي. ميڊيا پاران شيرين مزاري کان پڇا ڪئي وئي ته ڇا شاهه محمود قريشي کي ايندڙ ڪال ڌمڪي واري هئي يا پيار محبت واري ڪال هئي، جنهن تي هن جواب ڏنو ته مون کي ڪا خبر نه آهي، ڪهڙي ڪال هئي جيڪا به هئي ٽي وي ذريعي خبر پئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button