اسلام آباد : اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي توشا خانا مان ورتل تحفن جي ڄاڻ نه ڏيڻ تي سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن جي هڪ مهيني جي پگهار جي ڪٽوتي جو حڪم ڏنو ويو آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي توشا خاني مان تحفن جي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي درخواست بابت پاڪستان انفارميشن ڪميشن وڏو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. چيف انفارميشن ڪميشن محمد اعظم ۽ انفارميشن ڪميشن زاهد عبدالله هي حڪم جاري ڪري. پاڪستان انفارميشن ڪميشن ڄاڻ فراهم نه ڪرڻ تي اڪائونٽنٽ جنرل کي سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن جي هڪ مهيني جي پگهار جي ڪٽوتي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن تي ڄاڻي واڻي ڄاڻ فراهم نه ڪرڻ کان انڪار تي ڏنڊ هنيو ويو. انفارميشن ڪميشن مطابق لڳاتار نوٽيس جي باوجود سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن حڪمن تي عمل نه پيو ڪري. اڄ تائين سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جو آخري موقعو ڏنو ويو. اڪائونٽنٽ جنرل کي هدايت ڪئي وڃي ٿي ته سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن جي 30 ڏينهن جي پگهار جي ڪٽوتي ڪري اڪائونٽنٽ جنرل حڪم جي عملدرآمد رپورٽ انفارميشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close