اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاڪستان تحريڪ انصاف جي اسلام آباد طرف لانگ مارچ جي اعلان تي چيو آهي ته خوني مارچ، فساد ۽ فتني جو اعلان سرعام ڪيو پيو وڃي. رياست جي رٽ تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي ۽ شهرين، واپارين، اسڪول جي ٻارڙن ۽ سمورن شهرين جي حفاظت حڪومت جي ذميواري ۽ فرض آهي جيڪو مڪمل طور تي نڀايو ويندو. پوليس اهلڪار جي شهادت تي مذمت به ناهي ڪئي وئي، ڇا هي مارچ پنهنجي چوري جي خلاف آهي. انٽيليجنس رپورٽ آهي هنن ماڻهن وٽ هٿيار آهن. اڱاري تي وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته هڪ وڳوڙي ۽ وڳوڙي ٽولو ڊرامي بازي تي لهي آيو آهي ان جو ڪم اهو آهي ته اقتدر۾ رهي ڪوڙ ڳالهايو ۽ ڪنٽينر تي چڙهي ڊرامي بازي ڪيو ۽ پوءِ ڪوڙ ڳالهايو. هن چيو ته جڏهن کان لانگ مارچ جو اعلان ٿيو آهي ان ۾ خوني مارچ، فساد ۽ فتني جو اعلان سرعام ڪيو پيو وڃي. ان تي وفاقي ۽ پنجاب حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته رياست جي رٽ تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي. هن چيو ته اسان شهرين کي يقين ڏيارڻ چاهيون ٿا ته جيڪو وڳوڙي ٽولو اچي رهيو آهي ان جي شر کان حڪومت پاڪستان اوهان کي محفوظ رکندي. مريم اورنگزيب چيو ته پنجاب ۾ پوليس جو سپاهي شهيد ٿيو آهي ۽ پنجاب جو وڏو وزير اوڏانهن ويل هو. هڪ پاسي هڪ شخص فساد وڳوڙ ۽ افراتفري ڦهلائڻ جا اعلان ڪري رهيو آهي ان هن افسوسناڪ واقعي جي مذمت به ناهي ڪئي. هن چيو ته هڪ پوليس اهلڪار جيڪو ان جي حفاظت تي هو، ان جي پنهنجي عهديدار جي گهر ويو پوليس انجي گهر ٻاهران هئي پر ڇت تان اوپن فائرنگ ڪئي وئي. پوليس اهلڪار جي قتل تي ڳالهائيندي هن چيو ته اهو ئي اهو سجاد بخاري آهي جيڪو ان جو ٽڪيٽ هولڊر آهي. ان جي گهر جي ڇت تان فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿيو، جنهن جا پنج ٻار آهن ان جي مذمت ته ڪئي وڃي ها. هن چيو ته سمورا پوليس آفيسر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ سمورا اهلڪار هن وقت پاڪستان جي شهرين جي حفاظت تي سندن ڊيوٽي لڳل آهي ۽ اهي اهڙي طرح شهرين جي حفاظت ڪندا رهندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close