اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي اسلام آباد جي ايڇ 9 ۾ احتجاج ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ حڪومت کي عمران خان سميت پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گهرن ۽ آفيسن تي ڇاپا هڻڻ کان روڪي ڇڏيو. جڏهن ته پي ٽي آءِ يقين ڏياريو ته سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان نه پهچايو ويندو. سپريم ڪورٽ حڪومت کي پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ لاءِ مناسب جاءِ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه لانگ مارچ دوران رستن جي بندش ۽ گرفتارين خلاف سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس جي شنوائي ٿي. عدالت ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندي حڪم ڏنو ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گهرن تي ڇاپا نه هنيا وڃن ۽ وڪيلن کي آزاد ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ايف آءِ آر کانسواءِ گرفتار سمورن ماڻهن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي پر جن ماڻهن خلاف فوجداري ڪيس آهن، انهن جو فيصلو هاءِ ڪورٽ جلد ڪري. سپريم ڪورٽ حڪومت کي عمران خان جي گرفتاري کان روڪي ڇڏيو ۽ گهرو وزارت کي طاقت جو غير ضروري استعمال نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي گذريل 48 ڪلاڪن دوران قبضي ۾ آيل گاڏي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جسٽس اعجاز الاحسن پڇاڻو ڪيو ته سڀني اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو آهي، اسڪول ۽ ٽرانسپورٽ بند، امتحان ملتوي، روڊ ۽ ڪاروبار بند ڪيو ويو آهي. معاشي لحاظ سان ملڪ نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ۽ ڏيوالو ٿيڻ جي دَر تي آهي، ڇا هر احتجاج تي سڄو ملڪ بند ڪيو ويندو. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته مون کي تفصيلن جو عمل ناهي، ڄاڻ وٺڻ جي مهلت ڏني وڃي. جسٽس مظاهر نقوي ريمارڪس ڏنا ته اٽارني جنرل صاحب! ڇا توهان کي ملڪي حالتن جو عمل ناهي؟ سپريم ڪورٽ جو اڌ عملو رستا بند هجڻ سبب پهچي ناهي سگهيو.
اٽارني جنرل چيو ته عوام جي تحفظ لاءِ حفاظتي قدم اڻٽر آهن، تحريڪ انصاف خوني مارچ جي ڌمڪي ڏني آهي، هٿياربند ماڻهن کي احتجاج جي اجازت ڪيئن ٿا ڏئي سگهون. اٽارني جنرل چيو ته عدالت کي معيشت تي اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ گهرجن، ميڊيا کي ريمارڪس ڏيڻ کان روڪيو وڃي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال هر شخص کي خبر آهي. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ماضي ۾ به احتجاج لاءِ جاءِ ڏني وئي هئي، ميڊيا موجب پي ٽي آءِ احتجاج جي اجازت لاءِ درخواست ڏني هئي. ان تي ڪهڙو فيصلو ٿيو؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي صدر شعيب شاهين چيو آهي ته پوليس وڪيلن جي گهرن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري کين گرفتار ڪري رهي آهي، گذريل رات اڳوڻي جج ناصره جاويد جي گهر تي به ڇاپو هنيو ويو. جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جو اختيار ناهي. شعيب شاهين چيو ته مولانا فضل الرحمان ٻه ڀيرا سرينگر هاءِ وي تي ڌرڻو ڏئي چڪو آهي، بلاول ڀٽو به اسلام آباد ۾ لانگ مارچ ڪيو آهي، مظاهرين لاءِ اڃا به جاءِ ڏني وڃي ٿي. سپريم ڪورٽ چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڊي سي اسلام آباد، آءِ جي گهرو سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي طلب ڪري ورتو ۽ سمورن آفيسرن کي صورتحال بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. سپريم ڪورٽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي هدايت ڪئي ته پي ٽي آءِ کي لانگ مارچ لاءِ متبادل جڳهه ڏيڻ جا انتظام ڪيا وڃن. چيف ڪمشنر اسلام آباد کي هدايت ڪئي وئي ته لانگ مارچ لاءِ مناسب جڳهه فراهم ڪئي وڃي، لانگ مارچ واري هنڌ پهچڻ لاءِ ٽريفڪ پلان ٺاهيو وڃي، پي ٽي آءِ ميمبر احتجاج ڪري گهرن ڏانهن وڃن.