اسلام آبادپاڪستان

ڳجهن ادارن موجب عمران تي آپگهاتي حملي جو خطرو آهي:اٽارني جنرل

اسلام آباد : پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ دوران رستن جي بندش ۽ گرفتارين خلاف درخواست تي شنوائي دوران اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڳجهن ادارن جي رپورٽ موجب عمران خان تي آپگهاتي حملي جو خطرو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار طرفان پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف درخواست تي شنوائي ڪئي، ان سلسلي ۾ اٽارني جنرل ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.ان دوران اٽارني جنرل اشتر اوصاف چيو ته عمران خان جي زندگي کي خطرو آهي، ڳجهن ادارن جي رپورٽ موجب عمران خان تي آپگهاتي حملي جو خطرو آهي. اٽارني جنرل جي موقف تي جسٽس اعجاز الاحسن چيو ته توهان اصل ايشو کان پري وڃي رهيا آهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button