چمبڙ: چمبڙ ۾ ڳوٺ خان محمد بوزدار جي رهواسي عورتن ۽ مردن بااثر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان نعريبازي ڪئي. بعد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻن ڀينرن عظيمه زال بشير احمد بوزدار، فيضل الڪريم زال عبدالقدير بوزدار، ڀا سراج احمد بوزدار ۽ سندن چاچي حاجي محمود بوزدار دانهون ڪيون. عظيمه ۽ فيضل الڪريم چيو ته گورنمينٽ پرائمري استاد متيع الله بوزدار جنھن کي بااثر ماڻھن جي حمايت حاصل آھي، ان گذريل ٻن سالن کان اسان جي ساڍا چار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري ھٿياربند ويھاري ڇڏيا آھن، زمين تي وڃون ٿا ته هٿياربند موتمار ڌمڪيون ڏئي ڊوڙائي ڇڏين ٿا. بااثر متيع الله ڀا آهي، چونڊيل نمائندن ۽ ڪامورن کي شڪايتون ڪيون آهن، پر ڪير به مدد ڪرڻ لا تيار ناهي. هنن ڊي سي ٽنڊوالھيار ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالھيار کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي زمين تان قبضو ختم ڪرائي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close