چمبڙ: عمرڪوٽ جي رهواسي بيوھ کي ڏيرن تشدد ڪري گھران ڪڍي ڇڏيو، جنهن بعد عورت پنهنجي ما ۽ ٻن ٻارن سان گڏ چمبڙ ۾ مائٽن وٽ پناهه ورتي. ڳوٺ حاجي عالم چانيھو ۾ پناهه وٺي ويٺل 40 ورھين جي بيوهه سمجھو زال گرداري ڪولھي پنھنجي ٻن معصوم ٻارن، مائٽن ۽ آل ڪولھي ايسوسيئيشن ضلعي ٽنڊوالھيار جي صدر ڀيرو مل ڪولھي ۽ ٻين پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عورت چيو ته منھنجو مڙس 2 سال اڳ فوت ٿي ويو، 20 ڏينھن اڳ منھنجي ڏيرن چندريو ڪولھي، راشنگ ڪولھي ۽ مصري ڪولھي عمرڪوٽ شھر جي سورج پارڪ ڀرسان منھنجي گھر ۾ گھڙي تشدد ڪري زخمي ڪرڻ بعد گهر تي قبضو ڪري ورتو، ڏيرن ظلم ڪري مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو. منھنجي فوتي مڙس جي انشورنس پاليسي جا مون کي 4 لک 60 ھزار رپيا مليا، اهي به ظالم ڏير ڦري ويا، هاڻ دربدر ٿي وئي آهيان. دانهن ڪرڻ تي ڏير قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ھنن ايس ايس پي عمرڪوٽ ۽ ڊي سي عمرڪوٽ کان اپيل ڪئي ته منھنجو ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري گھر تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close