اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته شيخ رشيد هر هر خوني مارچ بابت بيان ڏئي رهيو آهي، سندس موجودگي بنا هن جي درخواست تي شنوائي نٿا ڪري سگھون. ڪالهه گرفتاري کان بچڻ جي شيخ رشيد جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي ٿي پر عوامي مسلم ليگ جو سربراهه عدالت سامهون پيش نه ٿيو. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته شيخ رشيد جي موجودگي بنا عدالت ڪيس نٿي ٻڌي سگھي، ڇو جو شيخ رشيد هر هر ڏڦيڙ پيدا ڪندڙ بيان ڏئي رهيو آهي. جسٽس اطهر من الله وڌيڪ چيو ته هر هر شيخ رشيد جا بيان اچي رهيا آهن ته خوني مارچ ٿيندو، عدالت پهريون شيخ رشيد جي موجودگي ۾ مطمئن ٿيندي، پوءِ آرڊر جاري ڪندي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شيخ رشيد جي موجود نه هجڻ ڪري ڪيس جي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close