پاڪستانسنڌ

ڳاڙهي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاجي مظاهرو

ڳاڙهو: ڳاڙهو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو. هنن گهر ڪئي ته جلد پاڻي ڏنو وڃي. ان سلسلي ۾ ڳاڙهي ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ خلاف جهور واهه جي سوين آبادگارن حاجي نور محمد خاصخيلي، ناٿو چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ۽ آبپاشي کاتي ساڪرو جي عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن خلاف نعريبازي ڪئي. ڌرڻي سبب ٽرئفڪ جام ٿي وئي ۽ سوين شاگرد پرچو ڏيڻ سينٽرن تي پهچي نه سگهيا. آبادگارن ٻڌايو ته جهور واهه جي منڍ تي بااثرن جا قبضا آھن، جيڪي زبردستي واري جو پاڻي کڻي وڃن ٿا، جنهن سبب گذريل 4 سالن کان واهه جي پڇڙي جا هزارين ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لا پريشان آهن ۽ زمينون بنجر بڻجي ويون آهن. ٻن ڪلاڪن جي احتجاج باوجود ڪو به عملدار ڳالهين لا نه پهتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button