اسلام آبادپاڪستان

جبري گمشدگيون غير آئيني قرار،مدثر نارو کي پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد:اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جبري گمشدگي کي غير آئيني قرار ڏيندي صحافي مدثر نارو سميت 6 گم ٿيلن کي ايندڙ شنوائي 17 جون تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت کي مطمئن ڪريو ته جبري گمشدگي رياست جي پاليسي ناهي. گهرو سيڪريٽري 6 گم ٿيل ماڻهن کي پيش ڪري ٻي صورت ۾ موجوده ۽ اڳوڻي گهرو وزيرن کي طلب ڪيو ويندو. گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته موجوده ۽ اڳوڻي وزيراعظم ۽ گهرو وزيرن خلاف ايڪشن ڇو نه ورتو وڃي؟ ڇا صدر ۽ گورنرن کي جبري گمشدگين جي سالياني رپورٽ پيش ڪرڻ گهرجي؟ وفاقي حڪومت کي هڪ آخري موقعو ڏيندي صحافي ۽ بلاگر مدثر نارو سميت 6 گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي شنوائي دوران چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته اسان جي سامهون 4 سالن، 6 سالن ۽ 10 سالن جي گم ٿيل ماڻهن جا ڪيس آهن. گذريل شنوائي تي عدالت کي ٻڌايو ويو ته ڪجهه ماڻهن کي پهريان گم ڪيو ويو ۽ پوءِ کين حراست ۾ رکڻ جو چيو ويو. اهڙن ماڻهن جو احتساب ڪير ڪندو؟ مدثر نارو جي متاثر خاندان سان ملاقات جو معاملو وزيراعظم ڏانهن اماڻيو ويو. عدالت کي اميد هئي ته وفاقي حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ڪوششون ڪندي پر وفاقي حڪومت جو جواب اهو ناهي جيڪو ٿيڻ گهرجي ها. اهو مڃيل آهي ته هڪ چيف ايگزيڪيوٽو پنهنجي ڪتاب “ان دي لائن آف فائر” ۾ چيو آهي ته جبري گمشدگيون رياستي پاليسي آهن. رياست جي عملن کي اهو ظاهر ڪرڻ گهرجي ته جبري گمشدگيون رياستي پاليسي نه آهن. سمورا ادارا ۽ سيڪيورٽي ادارا هٿياربند فوج، وزيراعظم ۽ ڪابينا جي ماتحت آهن. هٿياربند فوجن جي جبري گمشدگين ۾ ملوث هجڻ عوامي پاليسي ۽ عوامي مفاد جي خلاف آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button