پاڪستانسنڌ

دادو ۾ پيٽرول پمپ تي ڇاپو، چڪريون، پوليس عملدار جو ڀا گرفتار

دادو: دادو ۾ اڳوڻي سي آئي اي انچارج افتخار جمالي جو پيٽرول پمپ غير قانوني هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، گورنمنٽ آف انرجي اينڊ پيٽروليم پاران 20 مئي تي جاري ڪيل ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو ته دادو ڀرسان مورو روڊ تي قائم فاسٽ پيٽروليم جي نالي تي غيرقانوني طور هلي رهيو آهي، جنهن کي سيل ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، اهڙي ليٽر بعد اسسٽنٽ ڪمشنر دادو ڊاڪٽر شاهنواز ميراڻي پوليس ۽ رينجرز ساڻ ڪري اڳوڻي سي آئي اي انچارج افتخار جمالي جي پيٽرول پمپ تي پهتو ته اڳوڻي سي آئي اي انچارج افتخار جمالي جي ڀاءَ آفتاب جمالي انتظاميا سان منهن ماري ڪئي، جڏهن ته چڪرين دوران پوليس اڳوڻي سي آئي انچارج افتخار جمالي جي ڀا آفتاب جمالي کي گرفتار ڪري ورتو. رابطي ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر دادو ڊاڪٽر شاهنواز ميراڻي جو چوڻ هو ته پيٽرول پمپ غيرقانوني آهي، جنهن ڪري سيل ڪيو ويو آهي، پيٽرول پمپ مالڪ پاران انتظاميا ۽ پوليس سان منهن ماري پڻ ڪئي آهي، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪرڻ تي سندن مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويندو. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او اي سيڪشن اشفاق منگي جو چوڻ هو ته غيرقانوني پيٽرول پمپ هلائڻ تي ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته پوليس ۽ انتظاميا سان منهن ماري جو پڻ ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button