ڄامشورو: تحريڪ انصاف جي گذريل وفاقي حڪومت سڄي ملڪ جيان اعليٰ تعليم کي به معاشي بحران ڏانهن ڌڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن جي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو مهراڻ يونيورسٽي جي 25هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. محمد اسماعيل راهو چيو ته تحريڪ انصاف جي گذريل وفاقي حڪومت سڄي ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو، ملڪ ۾ اعليٰ تعليمي ادارا وڌيا آهن، مهانگائي جي ڪري تعليمي ادارن جا خرچ وڌيا آهن، گذريل وفاقي حڪومت ان باوجود اعليٰ تعليم جي بجيٽ وڌائڻ بدرانِ گهٽائي. هن چيو ته اعليٰ تعليم تائين شهرين جي آسان رسائي ۽ اعليٰ تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ترجيح آهي، سنڌ حڪومت اعليٰ تعليمي ادارن جي لاءِ بجيٽ وڌائي آهي ۽ وفاقي حڪومت سان اعليٰ تعليم جي بجيٽ واڌئڻ لاءِ وڌيڪ ڳالهايو ويندو. صوبائي وزير چيو ته وائيس چانسلرن جي مقرري لاءِ جوڙيل سرچ ڪاميٽي جي قانوني حيثيت آهي ۽ جن يونيورسٽين ۾ مستقل وائيس چانسلر مقرر ناهن، اتي مستقل وائيس چانسلر ميرٽ تي مقرر ڪيا ويندا. ان موقعي تي ڳالهائيندي يونيورسٽيز ۽ بورڊس کاتي سنڌ جي سيڪريٽري محمد مريد راهمون چيو ته اسان جي نوجوانن کي تبديل ٿيندڙ دنيا سان هلڻ لاءِ وڌيڪ پڙهڻو پوندو، رڳو ڊگري نه پر مارڪيٽ جي معيار تي پورو لهڻ لاءِ انجنيئرن کي پاڻ کي بدلائڻو پوندو. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحه حسين علي چيو ته حڪومت کي اعليٰ تعليم جي بجيٽ وڌائڻي پوندي، جيڪڏهن بجيٽ نه وڌائي وئي ته اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تدريس ۽ تحقيق جون سرگرميون تمام گهڻيون متاثر ٿينديون. مهراڻ يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن جي تقريب ۾ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو، صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاهه جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين منشي، مهراڻ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالرحمان ميمڻ، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪئمپس خيرپور ميرس جي پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالسميع قريشي، ڊينز، چيئرمينن ۽ ڊائريڪٽرن شرڪت ڪئي. ڪانووڪيشن ۾ 900 شاگردن ۽ شاگردياڻين ڊگريون ورهايون ويون، جڏهن ته چار پي ايڇ ڊيز پنهنجون ڊگريون حاصل ڪيون. ڪانووڪيشن ۾ 7 شاگردن فئڪلٽي ٽاپ، ڇهه شاگردن ۽ شاگردياڻين بيسٽ گريجوئيٽس ۽ ٻن کي ڪئمپس ٽاپ ڪرڻ تي گولڊ ميڊل پارايا ويا. گولڊ ميڊل کٽڻ جي مقابلي ۾ ڇوڪرين ڇوڪرن کي مات ڏئي ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close