اسلام آباد :پرڏيهي آفيس ڀارتي ناظم الامور کي طلب ڪري ياسين ملڪ جي سزا تي سخت احتجاج ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان ياسين ملڪ جي سزا کي واضح طور رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ياسين ملڪ جو ڪيس تڪراري ۽ هڪ طرفو آهي. پاڪستان جي حڪومت سندس صحت جي خراب ٿيڻ باوجود غير انساني قيد تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ترجمان موجب عدليه هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشميري قيادت خلاف سياسي انتقام جي اشتعال انگيز ڪارروائي ۾ غلط استعمال ڪئي وئي آهي. ڪشميرين جي حق خوداراديت جي جدوجهد کي “دهشتگردي” قرار ڏيڻ هڪ قابل مذمت ڪوشش آهي. ڀارتي سفير کي ياسين ملڪ جي سزا تي پاڪستان جي سخت خدشن کان آگاهه ڪيو ويو، پاڪستان مطالبو ڪيو ته ياسين ملڪ کي سمورن بي بنياد الزامن مان آزاد ڪيو وڃي. انهن جي ڀلائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن جي جيل مان فوري آزاديءَ جو بندوبست ڪيو وڃي، انهن سمورن ڪشميري اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي، جن کي ڪوڙو الزام هڻي قيد ڪيو ويو آهي. ڪشميرين تي ٿيندڙ بي حسي ۽ منظم ظلم کي فوري طور بند ڪيو وڃي. رياستي دهشتگردي کي پاليسي ٽول طور استعمال ڪرڻ بند ڪيو وڃي. عالمي برادري کي گهرجي ته ڀارت تي دٻاءُ وجهي ته هو عالمي انسانيت جي قانون ۽ چارٽر تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close