پاڪستانسنڌ

ڄامشورو مان نوجوان درزي کنڀجي ويو، ٿاڻي آڏو ڌرڻو

ڄامشورو: ڄامشورو مان نوجوان درزي کنڀجي ويو، وارثن جو ڄامشورو ٿاڻي اڳيان احتجاجي ڌرڻو. ڄامشورو جي علائقي ڀريا وليج مان موٽرسائيڪل ۽ ڪار ۾ سوار سادا ڪپڙا پهريل هٿياربند نوجوان درزي سعيد احمد تيوڻو کي کنڀي ويا، اهڙي اطلاع تي وارثن ڄامشورو ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن منظور تيوڻو، رجب تيوڻو ۽ نعيم تيوڻو ٻڌايو ته ڄامشورو ڦاٽڪ تان درزڪو ڪم ڪندڙ 14 سالن جي سعيد احمد تيوڻو کي سادا ڪپڙا پهريل هٿياربند تشدد ڪندا کنڀي ويا آهن، پر پوليس سعيد احمد جي بازيابي لا ڪوبه قدم کڻي نه رهي آهي. هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي پٽ جو ڪنهن به تنظيم سان واسطو ناهي، اسان مسڪين پورهيت آهيون، مزدوري ڪري پيٽ گذر ڪندا آهيون. هنن اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺي سعيد احمد جي بازيابي جي گهر ڪئي. ٻئي پاسي نوجوان درزي جي کنڀجڻ کان لاعلمي جو اظهار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button