دادو (ن، سنڌ ايڪسپريس) دادو شهر جي ورڪشاپ محلي جي رھواسڻ عورت سبحان خاتون پتافي دادو پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڪندي دانهيو آهي ته سندس ڌي ناديا تي مڙس تشدد ڪندو هو، جنهن دادو جي عدالت ۾ طلاق لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي، عدالتي فيصلو اچڻ کان اڳ ئي سندس مڙس ارشاد انڙ ۽ ٻيا هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آهن. هن دانهيو ته حد جي پوليس اغوا ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪندي چيو ته سندس ڌي ناديا جي زندگي خطري ۾ آهي، ان کي مڙس کان بازياب ڪرائي زندگي بچائي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close