اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي گرفتار ڪيل 70 ڪارڪنن کي حلف نامو وٺڻ کان پوءِ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪالهه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي پوليس طرفان حراسان ڪرڻ خلاف درخواست تي شنوائي ٿي. هاءِ ڪورٽ پڇيو ٻڌايو وڃي ته ڪارڪنن کي ڇو غير ضروري هراسان ڪيو پيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد جواب ڏنو ته هڪ سياسي پارٽي اجازت گهري پر ان کي اجازت نه ڏني وئي. آءِ ايس آءِ، ايم آءِ ۽ ٻين ايجنسيز جي رپورٽ کان پوءِ اسان اجازت نه ڏني. نيڪٽا جو هڪ ٿريٽ آيو آهي ته ڪابه پرڏيهي ايجنسي هن سياسي پارٽي کي ٽارگيٽ ڪري سگهي ٿي. 70 جي ويجهو ڪارڪنن کي اسلام آباد ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي باري ۾ رپورٽ آهي ته هن ميٽرو کي ٽوڙڻ چاهيو ٿئي ته اوهان ان کان بانڊ وٺي سگهيا ٿئي. جيستائين ڪنهن ڏوهه نه ڪيو وڃي تيستائين صرف شڪ جي بنياد تي هراسان ته نٿو ڪري سگهجي. اوهان هنن کان بانڊ وٺي ڇڏي ڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي گرفتار ڪيل 70 ڪارڪنن کي بانڊ وٺي ڇڏڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جي خلاف ڪيس هجي ته هن عدالت کي اڄ ٻڌايو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close