اسلام آباد :اسلام آباد ۾ ڪافي نه ملڻ جو معاملو قومي اسيمبلي ۾ اٿاريو ويو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وفاقي راڄڌاني ۾ ڪافي جي کوٽ جو معاملو بحث هيٺ آيو. پيپلز پارٽي جي مير غلام علي ٽالپر اهو معاملو اٿاريو. ان موقعي تي غلام علي ٽالپر چيو ته حڪومت پاران شين جي درآمد تي پابندي سبب ڪافي نه ملي رهي آهي، دڪاندار شين جي درآمد تي پابندي جو ناجائز فائدو وٺي رهيا آهن. گهرو معاملن واري مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪانجو ايم اين اي غلام علي ٽالپر کي يقين ڏياريو ته هو اسلام آباد ۾ ڪافي جي فراهمي جي معاملي کي ڏسندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close