پاڪستانسنڌ

دادو ۾ زمين تي امڪاني قبضي خلاف سيتا واسين جو مظاهرو

دادو: سيتا جي ڳوٺ نئو اسڪيم آباد جي رهواسين قيصر کوسو، رخسانه کوسو، محمد جڙيل، صنم ۽ ضمير کوسو بااثرن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته 3 هزار فٽ پلاٽ ۽ 4 ايڪڙ زمين تي ڳوٺ جا بااثر خادم، رزاق، ذوالفقار کوسو، زاهد کوسو ۽ ٻيا قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، گذريل ڏينهن بااثرن گهرن تي حملو ڪري هوائي فائرنگ ڪئي ۽ گهر خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن. هنن چيو ته اهڙو اطلاع حد جي ٿاڻي تي پڻ ڪيو پر ايس ايڇ او قيوم کوسو بااثر جوابدارن جي ڌر بڻيل آهي. هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button