دادو: دادو شهر جي شهباز ڪالوني ۾ هڪ هفتو اڳ قتل ٿيل 14 سالن جو نينگر نديم چانڊيو جي وارثن مور چانڊيو، محمد ملوڪ چانڊيو، بخشل چانڊيو، صالح چانڊيو قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي دانهيو آهي ته 8 ڏينهن گذرڻ باوجود نينگر جا قاتل قانون کان آجا آهن، پوليس بااثر جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي. هنن چيو ته ڪجهه مهينا اڳ ساڳين جوابدارن 17 سالن جي دلبر چانڊيو تي ڪارنهن الزام مڙهيو هو، جوابدار دلبر چانڊيو کي قتل ڪرڻ آيا هئا ۽ دلبر نه مليو ته نديم چانڊيو کي فائرنگ ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، مهينو اڳ ئي حد جي پوليس کي درخواست ڏني هئي ته جوابدار دلبر چانڊيو کي قتل ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، پر پوليس ڪوبه تحرڪ نه ورتو. هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد، ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪندي چيو ته مقتول نينگر جا قاتل گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close