ميھڙ: ميھڙ يوٽلٽي اسٽور تي آيل شيون دڪاندارن کي وڪرو ڪرڻ خلاف شھرين سليم کوسو، اسد سومرو، صداقت سومرو، سڪندر ڀنڊ، شيراز پنھور ۽ گلزار ڀنڊ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي. مظاھرين چيو ته ميھڙ ۾ چار کان وڌيڪ يوٽيلٽي اسٽور آھن پر غريب شھرين کي ڪابه سھولت نه ٿي ڏني وڃي، گيھه، کنڊ، اٽو ۽ ٻي عام واھپي جون شيون عوام بدران دڪاندارن ۽ ھوٽل مالڪن کي سرعام وڪرو ڪيون پيون وڃن. هنن اختيارين کان يوٽلٽي انچارج خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close