أحيدرآباد: تحريڪ انصاف پاران ڏنل احتجاج کي روڪڻ لا سنڌ ۾ پوليس ڇاپا هڻي تحريڪ انصاف جا سوين ڪارڪن گرفتار ڪري ورتا. عمرڪوٽ ۾ پٿرا سبب ايس ايڇ او سميت 3 اهلڪار زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب مٺي ۾ تحريڪ انصاف پاران احتجاج جي ڏنل سڏ بعد پوليس جي وڏن اٽالن احتجاج کي روڪڻ لا فجر محل سوراڻي هائوس سميت مختلف هنچن تي چڙھايون ڪري تحريڪ انصاف سنڌ جي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري لجپت سوراڻي ۽ سندس ڀا پرشوتم سميت 25 کان به وڌيڪ ڪارڪن کي گرفتار ڪري ورتو، جن ۾ گومون ڀيل، سومار ڀيل، چندر ڀيل ۽ ٻيا شامل آھن، جن کي پوليس نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. گرفتار اڳواڻ لجپت سوراڻي جي زال ڊاڪٽر لتا ڀيل صحافين کي ٻڌايو ته پوليس گهر اندر داخل ٿي عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو. اهلڪارن لجپت سوراڻي ۽ پرشوتم سميت مهمانن کي به گرفتار ڪيو. پوليس ڌاڙيلن جيان گهرن ۾ داخل ٿي گرفتاريون ڪيون. هوڏانهن گرفتارين خلاف ڪارڪن پوليس جون رڪاوٽون ٽوڙي روڊن تي نڪري آيا. تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن نهالچند سوراڻي، قربان سميجو ۽ سورو ڀيل جي اڳواڻي ۾ ڪشمير تي ڌرڻو هنيو. ٽنڊوالهيار ۾ ضلعي صدر اسلم لغاري جي اڳواڻي ۾ نڪتل ڪارڪنن جي ريلي کي پوليس ڪيريا شاخ تي روڪي ورتو، تحريڪ انصاف جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي نعريبازي بعد پوليس جي 25 موبائيلن ۾ موجود اهلڪارن ضلعي صدر اسلم لغاري سميت 24 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو. گرفتاري کان اڳ ضلعي صدر اسلم لغاري انصاف هائوس تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موجوده حڪومت جمهوريت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي. عمرڪوٽ ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ايم اين اي لال مالهي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو، جتي پوليس کين احتجاج ڪرڻ کان روڪيو ته چڪريون ٿي پيون. ڪارڪنن ايس ايس پي عمرڪوٽ سميت ٻين عملدارن تي پٿرا ڪري لٺبازي ڪري موبائيل گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا ۽ لٺيون کڻي شهر بند ڪرائي ڇڏيو. جنهن بعد پوليس جي وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي، پوليس ڪارڪنن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لا آسو گئس جا شيل فائر ڪيا، جنهن بعد ڪارڪن ڇڙوڇڙ ٿي ويا، پوليس 20 کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. هوڏانهن ڪارڪنن ايس ايڇ او غلام نبي شاھه ارشد گشڪوري ۽ پوليس موبائيل جي ڊرائيور ڀوم سنگ ٺڪر جو پٿرا ڪري مٿو ڦاڙي ڇڏيو، جن کي سول اسپتال آندو ويو. جتان ايس ايڇ او ارشد گشڪوري کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو. ٻئي طرف ايس ايس پي عمرڪوٽ مختيار احمد خاصخيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته تحريڪ انصاف اڳواڻن کي ڄاڻ هئي ته سنڌ سرڪار صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪيو آهي، مون پاڻ لال مالهي کي چيو ته احتجاج نه ڪريو، پر لال مالهي پريس ڪانفرنس بعد سازش ڪري پنهنجا ماڻهو گهرائي پوليس تي پٿراءُ ڪيو، آئون پاڻ پهتس ته مون تي به پٿراءُ ڪيو ويو، شهر ۾ بدامني پيدا ڪري دڪان بند ڪرايا ويا. هوڏانهن ايم اين اي لال مالهي چيو ته ميڊيا ڏٺو ته اسان پرامن هئاسين، پوليس اسان تي لٺيون ۽ آسو گئس استعمال ڪيو، اسان جا 150 کان وڌيڪ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close