اسلام آباد/لاهور :وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڌرڻن معيشت کي وڏو نقصان ڏنو، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ماضي جي غلطين مان سبق سکندي ڌرڻن جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ پاڪستان جي تعمير ڪئي ويندي. ڪروٽ هائڊرو پاور پلانٽ جي تڪميل سان ملڪ جي توانائي جي کوٽ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اربع تي ڪروٽ هائيڊرو پاور پلانٽ جي دوري جي موقعي تي ورڪرز ۽ چيني ميڊيا کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته 2015 ۾ چيني صدر شي جن پنگ ۽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف هن رٿا جو پيڙهه جو پٿر رکيو هو. هن رٿا سان 720 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي. هن چيو ته چيني صدر دورانديش ليڊر آهي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت وٽ اپوزيشن کي ڀت سان لڳائڻ، معاشري ۾ تقسيم پيدا ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت هو. جڏهن ته مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ان وٽ وقت نه هو. اڳوڻي وزيراعظم هن منصوبي جو دورو به نه ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ آئيني طريقي سان اسان جي حڪومت اقتدار ۾ آئي آهي ۽ مختصر وقت ۾ اسان معاشي اهميت جي منصوبن تي ڌيان ڏنو آهي ۽ اڄ هن منصوبي جو دورو ڪرڻ لاءِ هتي آيو آهيان. وزيراعظم چيو ته منصوبي تي ڪم ڪندڙ چيني ڪمپني جي ذميوارن ۽ انجينئرز يقين ڏياريو آهي ته هي منصوبو جلد مڪمل طور تي ڪم شروع ڪري ڏيندو ۽ نيشنل گرڊ کي 720 ميگاواٽ بجلي فراهم ڪندو. هي سستي بجلي هوندي ۽ جيئن جيئن سيڙپڪاري وڌندي ويندي ۽ قرض لهندا ويندا ته بجلي جي قيمت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿي ويندي ۽ قرض لاهڻ کانپوءِ هڪ وقت ايندو ته بجلي جي قيمت 3 رپيا في يونٽ هوندي. هن منصوبي سان ماحولياتي گدلاڻ جو مسئلو نه ٿيندو، هن ڪمرشل آپريشن جي تڪميل تائين 4 ٽربائنن سان 720 ميگاواٽ بجلي فري مهيا ڪرڻ تي چيني ڪمپني جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ان سان 4 ارب رپيا بچندا. ملڪ کي هن وقت هڪ هڪ ڊالر بچائڻ جي ضرورت آهي.وزيراعظم چيو ته اسان کي قوم کي ورهائڻ، ڌرڻا هڻڻ ۾ وقت نه وڃائڻ گهرجي. سيپٽمبر 2014 ۾ چيني صدر پاڪستان اچڻ جي موقعي تي پي ٽي آئي ڌرڻو هڻي ڇڏيو، جنهن ڪري چيني صدر جو دورو ملتوي ٿيو. اسان عمران خان کي منٿ ڪئي ته چيني صدر جو دورو ٿيڻ ڏيو ان کان پوءِ ٻيهر ڌرڻي تي ويهي رهو. جڏهن ته هو نه مڙيو. هاڻي وري ڌرڻن جي تياري ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته چين سان دوستي کي اڃا وڌيڪ مضبوط ڪنداسين ۽ چيني سهڪار سان توانائي جا منصوبا لڳايا ويندا. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته قانون جي عملداري لاءِ عدالت جيڪو حڪم ڪندي سئو سيڪڙو عمل ڪنداسين. هنن ڊي چوڪ تي پهچڻ جو چئي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي توهين ڪئي آهي. راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ٽي آءِ جو ماضي عدالت جي پيش نظر هجڻ گھرجي، پهرين به اهي عدالتن جي آڙ وٺي هتي آيا پوءِ ڦري ويا. سپريم ڪورٽ آئين جو محافظ ادارو آهي، آئين جو تحفظ هر اداري تي فرض آهي. هن چيو ته لاهور جي ڏيڍ ٻه ڪروڙ آبادي مان ٻه اڍائي سئو ماڻهو نڪتا، انهن سان ڪي ڳالهيون ناهن ٿي رهيون ۽ نه ئي ڪو معاهدو آهي. هنن جو طوفان سوشل ميڊيا جي حد تائين هو. صوبائي وسيلن سان گڏ وفاق تي حملو ڪندڙن کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا، هي فرمائشي گرفتاري ڪرائي رهيا آهن ۽ پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن ته وڏي سختي ٿي وئي. سندس چوڻ هو ته پنجاب مڪمل پرسڪون آهي، ڏڦيڙ جو حصو نه ٿيڻ تي پنجاب جي عوام جو ٿورائتو آهيان، هن وقت ڪا سرگرمي آهي ته اها ڪي پي ۾ آهي. پاڻ انقلابي ليڊر هيلي ڪاپٽر ۾ اتي پهتو، بلوچستان ۾ ڪنهن کي خبر ناهي ته ڏڦيڙ ٿي رهيو آهي، سنڌ واسين به وڳوڙي مارچ جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪيو آهي. هوڏانهن لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عوام عمران کي زور سان چماٽ وهائي ڪڍي، جنهن جو آواز هر هنڌ ٻڌو ويو. ادارن کان ادب سان گذارش آهي ته فتني جا هٿ مضبوط نه ڪريو، اها روايت نه وجهو ته جيڪو ڊيڄاريندو ڌمڪائيندو، ان جي حق ۾ فيصلا ڏيون. هن چيو ته عمران خان هڪ زندهه لاش آهي، پنجاب ۾ بدليون ڪروڙين رپيا وٺي فرح گوگي ڪرائيندي رهي، اهي پئسا بني گالا ويندا رهيا، مسلم ليگ ن جو مينڊيٽ کسڻ جي بدلو اڄ پنجاب ورتو. سپريم ڪورٽ کي خاطري ڪرائي وئي هئي ته بدامني نه ٿيندي پر اڃا حڪم جي مَس ئي نه سڪي ته هنن فيصلي جا بخيا اڊيڙي ڇڏيا. هنن ڊي چوڪ تي گرين بيلٽ کي باهه لڳائي، ملڪيتن کي نقصان پهچايو، اسان ته پهريون ئي چئي رهيا هئاسين ته هي ڏڦيڙ آهي، ان کي روڪيو وڃي، اڄ سپريم ڪورٽ ڏٺو هوندو ته ڪنهن ريت ان جي حڪمن کي ٿڏيو ويو. عمران خان ادارن تي شرم جوڳا حملا ڪري رهيو آهي. ن ليگ نائب صدر چيو ته 122 ارب رپين جي ايل اين جي جو تمام وڏو اسڪينڊل آهي، جيڪا عثمان بوزدار پنجاب ۾ تباهي مچائي رکي هئي، انهن سمورن معاملن کي حڪومت ڏسي رهي آهي. ٻه ڏينهن اڳ ٽي پي ٽي آءِ اڳواڻ حڪومت سان ملڻ آيا، هنن جي ڳالهين جو لهجو اهو هو ته سيف ايگزٽ ڏيو، هنن ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو جي بنياد تي ڊيل جي درخواست ڪئي، اڄ به انهن جي اڳواڻن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان رابطو ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close