اسلام آبادپاڪستان

حڪومت آءِ ايم ايف طرفان پيٽرول مهانگو ڪرڻ جو ضد نه مڃي:رضا رباني

اسلام آباد : پ پ سينيٽر رضا رباني حڪومت کي آءِ ايم ايف طرفان اگهه وڌائڻ جي معاملي تي ڄمي بيهڻ جي صلاح ڏني آهي. ڪالهه پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڳالهائيندي رضا رباني چيو ته اڄ پارليامينٽ جي حيثيت اها آهي ته آءِ ايم ايف جو معاهدو هجي يا فٽيف يا ڪو ٻيو معاهدو، ان جا تفصيل ايوان سامهون ناهن رکيا ويندا. هن سوال ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ جيڪي فٽيف يا آءِ ايم ايف سان معاهدا ڪيا، انهن جا تفصيل هن ايوان سامهون رکيا ويا؟ ڇا جڏهن پاڪستان جي معاشي خود مختياري کي عالمي سامراجي قوتن سامهون کپايو ويو ته پاريامينٽ بيٺي؟ ڇا جڏهن اسٽيٽ بئنڪ کي کپايو ويو ته ان جا تفصيل ايوان ۾ رکيا ويا؟ هن ايوان کي اسٽيٽ بئنڪ بابت قانون سازي ريورس ڪرڻي پوندي. سندس چوڻ هو ته هر اداري کي پنهنجي آئيني دائري ۾ محدود رهڻ گهرجي، مان پنهنجي انا کي ختم ڪندي چوان ٿو ته پارليامينٽ ان حوالي سان ڪردار ادا نه ڪيو. رضا رباني چيو ته عالمي مالياتي فنڊ سان معاهدي جي صورت ۾ پيٽرول جي قيمت آسمان تي هلي ويندي. جڏهن بجلي جا اگهه آسمان تي پهچايا ويا ۽ روشنيون ختم ڪيون ويون ته ڪنهن کان پڇيو ويو؟ ان وقت ڪنهن پڇيو؟ اڄ انهن جا قدم موجوده حڪومت جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويا آهن. پ پ سينيٽر صلاح ڏني ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف پيٽرول ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ تي ضد ڪري رهيو آهي ته حڪومت کي به ڄمي بيهڻ گهرجي ته اگهه نه وڌائينداسين. هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو حوالو ڏيندي چيو ته بلاول ڊيوس ۾ ٻڌايو ته آءِ ايم ايف سان معاهدو آئوٽ ڊيٽڊ ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ نه ڪئي وڃي ۽ اسٽيٽ بئنڪ بابت بل ۾ ڪيل ترميم کي به واپس ورتو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button