اسلام آبادپاڪستان

وزيراعظم ڊي چوڪ پهچي ويو،قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن سان مليو

اسلام آباد: وزيراعظم شهبازشريف ڊي چوڪ اسلام آباد جو دورو ڪيو ۽ امن امان جي صورتحال کي بهترين طريقي سان ڪنٽرول ڪرڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ آفيسرن کي خراج تحسين پيش ڪيو. گذريل ڏينهن لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪندي عمران خان ڊي چوڪ اسلام آباد پڄڻ جو اعلان ڪيو هو. جڏهن ته صبح جو پي ٽي آئي جو قافلو جناح اوينيو پهتو، جتي خطاب ڪندي عمران خان حڪومت کي اليڪشن جي تاريخ جي اعلان لاءِ 6 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو ۽ بني گالا واپس هليو ويو. وزيراعظم شهبازشريف قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي موقعي تي گهرو وزير راناثناءالله ۽ بچاءُ واري وزير خواجا آصف سان گڏ ڊي چوڪ اسلام آباد جو دورو ڪيو، جتي هن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ۽ آفيسرن کي مختصر خطاب به ڪيو. وزيراعظم امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته عوام جون حياتيون بچائڻ لاءِ اوهان قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رهي جيڪو فرض ادا ڪيو ۽ ڪري رهيا آهيو، ان تي اوهان جو ٿورائتو آهيان ته مشڪل حالتن ۾ اوهان پاڪستان ۽ عوام جو تحفظ ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button