اسلام آبادپاڪستان

عمران خان ورڪرز کي روڊن تي ڇڏي پاڻ بني گالا سمهڻ هليو ويو:وفاقي حڪومت

اسلام آباد :سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان پنهنجي ورڪرز کي رستن تي ڇڏي پاڻ بني گالا سمهڻ لاءِ هليو ويو. ان جو لانگ مارچ ناڪام ٿي ويو آهي، عوام ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ترقي ۽ خوشحالي جي سياست چاهيون ٿا، وڳوڙ ۽ فتني جي سياست رد ٿي چڪي آهي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي. اليڪشن جو اعلان حڪومت ۽ اتحادي مقرر وقت تي ڪندا. وزيراعظم شهبازشريف پاڪستان جي عوام کي معاشي بدحالي مان ڪڍڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي. خميس تي پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالهه پوري قوم ڏٺو ته تخريبي ۽ تعميري سياست ۾ ڇا فرق ٿيندو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو عوام سندس شڪلين کي سڃاڻي چڪو آهي. 2014 ۾ به عمران نيازي ڌرڻو هنيو ۽ هٿين خالي واپس هليو ويو. هن ڀيري به هو پنهنجي ورڪرز کي رستن تي ڇڏي بني گالا سمهڻ ويو. وفاقي وزير چيو ته عمران خان آئي ايم ايف سان ڳالهين کي ناڪام ڪرڻ لاءِ ڊرامو رچايو، هن پوليس جي گاڏين تي حملا ڪيا. پوليس اهلڪار شهيد ٿيو. عمران خان سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي توهين ڪئي. ڪنٽينر تي بيهي اعلان ڪيو ته ڪوئي فيصلو ناهي ٿيو، ڊي چوڪ پهچو. جڏهن جي ڊي چوڪ جي ويجهو آيو ته ان وٽ رڳو ڪجهه ماڻهو بچيا هئا پوءِ اتان کيس ڀڄڻو پيو. هن چيو ته عمران خان جو 6 ڏينهن جو الٽي ميٽم ان جي ناڪام سياست جو ماتم آهي. هاڻي هو ڪڏهن به واپس نه ايندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button