اسلام آبادپاڪستان

نيب آرڊيننس ۾ ترميم جو بل منظور/ ووٽنگ مشين ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي ووٽ بابت ترميم ختم

اسلام آباد : قومي اسيمبلي چونڊ ترميمي بل 2022ع ذريعي اڳوڻي حڪومت جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت ترميم ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته قومي اسيمبلي اجلاس ۾ نيب ترميمي بل 2021 اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. تفصيل موجب ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وزير مرتضيٰ جاويد عباسي چونڊ سڌارن بابت بل ايوان ۾ پيش ڪيو. قانون واري وزير جي خطاب کانپوءِ اسپيڪر چونڊ ايڪٽ 2017 ۾ وڌيڪ ترميم ڪندي چونڊ ترميمي بل 2022ع جي ترميم پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني. جنهن کان پوءِ ان کي شق وار منظور ڪيو ويو ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سميت اوورسيز ووٽنگ جي حوالي سان اڳوڻي حڪومت جون ترميمون ختم ڪيون ويون. بل موجب چونڊ ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 94 ۽ سيڪشن 103 ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. ترميم ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن ننڍين چونڊن ۾ اوورسيز پاڪستانين کي ووٽنگ جي لاءِ پائليٽ پراجيڪٽ ڪري. اليڪٽرانڪ ۽ بايو ميٽرڪ ووٽنگ مشينن جو به ننڍين چونڊن ۾ پائليٽ پراجيڪٽ ڪيو ويندو. قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چونڊ سڌارا بل تي ڳالهائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن جي اي وي ايم بابت قانونسازي تي ڪافي اعتراض هئا، قانون ۾ بهتري جي گنجائش رهندي آهي. 2019ع جي چونڊن ۾ ڪجهه گهٽتائي رهجي وئي هئي، جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته چونڊ ريفارمز جي آڙ ۾ اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ نه وٺڻ ڪري اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو چيو ويو. اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن، فافن ۽ پلڊاٽ جو به موقف ڏنو ويو. تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ هن قانون ۾ گهڻيون ترميمون ڪيون ويون. اي وي ايم مشين تي اليڪشن ڪميشن تمام گهڻا اعتراض اٿاريا. قانون واري وزير چيو ته گهٽ فرق سان هن بل کي قومي اسيمبلي مان پاس ڪرايو ويو. هي بل سينيٽ ۾ آيو ته ان کي ڪميٽي ڏانهن اماڻيو ويو. اسان هن تي تمام گهڻا اجلاس ڪيا پر رولز کي بلڊوز ڪندي هن بل کي منظور ڪيو ويو. اعظم نذير تارڙ چيو ته اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جي حق کان ڪير به محروم نٿو ڪري سگهي. ان حوالي سان اسان جي باري ۾ افواهه آهن ته شايد اسان اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جي حق ۾ نه آهيون. اسان اي وي ايم ٽيڪنالاجي خلاف ناهيون. اسان صرف ڊڄون ٿا ته جڏهن آر ٽي ايس ويهي سگهي ٿو ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. قانون واري وزير چيو ته چونڊ سڌارن لاءِ پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جنهن ۾ سمورين سياسي پارٽين جي نمائندگي آهي، صرف اهي ماڻهو شامل ناهن جيڪي ٻاهر وڻن ۽ ملڪيتن کي باهيون ڏئي رهيا آهن. وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته نيب هاڻي گرفتار ٿيلن کي 24 ڪلاڪن دوران عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو پابند هوندو. جڏهن ته قومي اسيمبلي اجلاس ۾ نيب ترميمي بل 2021 اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. قومي احتساب آرڊيننس 1999ع ۾ وڌيڪ ترميم جو بل قانون واري وزير

نيب چيئرمين جي رٽائرمينٽ تي ڊپٽي چيئرمين وقتي سربراهه هوندو. جڏهن ته ڊپٽي چيئرمين جي غير موجودگي ۾ اداري جي ڪنهن به سينئر آفيسر کي وقتي چيئرمين جي چارج ملندي. وفاقي يا صوبائي ٽيڪس معاملا نيب جي اختيارن کان ٻاهر ڪيا ويا آهن. مالي فائدو نه کڻڻ جي صورت ۾ وفاقي يا صوبائي ڪابينا جا فيصلا نيب جي اختيار ۾ نه ايندا. ڪنهن به ترقياتي منصوبي يا اسڪيم ۾ بي قائدگي نيب جي اختيار ۾ نه ايندي. ڪنهن به ريگوليٽري اداري جي فيصلن تي به نيب ڪارروائي نه ڪري سگهندو. احتساب عدالتن ۾ ججز جي مقرري 3 سالن لاءِ هوندي. احتساب عدالت جي جج کي هٽائڻ لاءِ لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سان مشاورت ضرور ٿيندي. نئين نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ مشاورت جو عمل 2 مهينا اڳ شروع ڪيو ويندو. نئين نيب چيئرمين جي مقرري لاءِ مشاورت جو عمل 40 ڏينهن ۾ مڪمل ٿيندو. وزيراعظم ۽ اپوزيشن اڳواڻ ۾ اتفاق راءِ نه ٿيڻ تي مقرري جو معاملو پارلياماني ڪميٽي ڏانهن ويندو. پارلياماني ڪميٽي نيب چيئرمين جو نالو 3 ڏينهن ۾ فائنل ڪندي. نيب چيئرمين جي 3 سالن جي مدي کان پوءِ ان شخص کي ٻيهر نيب چيئرمين نه لڳايو ويندو. ڊپٽي چيئرمين جي مقرري جو اختيار صدر کان وٺي وفاقي حڪومت کي ڏنو ويندو. احتساب عدالتون ڪرپشن ڪيسز جو فيصلو هڪ سال ۾ ڪنديون. نيب جاچ لاءِ نئين قانون تحت مدي جو تعين ڪيو ويندو. نيب هاڻ 6 مهينن اندر جاچ شروع ڪرڻ جو پابند هوندو. نيب گرفتار ٿيلن کي 24 ڪلاڪن ۾ نيب عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو پابند هوندو. ڪيس داخل ٿيڻ کان سواءِ گرفتاري نٿي ٿي سگهي.نيب گرفتاري کان اڳ ثبوت پيش ڪرڻ جو پابند هوندو. نيب قانون ۾ ترميم ڪري رمانڊ 90 ڏينهن کان گهٽ ڪري 14 ڏينهن ڪيو ويو آهي. نيب جوابدار لاءِ اپيل جو حق 10 ڏينهن کان وڌائي 30 ڏينهن ڪيو ويو آهي. جوابدار خلاف ريفرنس داخل ٿيڻ تائين ڪوبه نيب آفيسر ميڊيا ۾ بيان نه ڏيندو. ريفرنس داخل ٿيڻ کان اڳ بيان ڏيڻ تي لاڳاپيل نيب آفيسر کي هڪ سال تائين قيد ۽ 10 لک تائين ڏنڊ لاڳو ٿيندو ڪنهن جي خلاف ڪيس ڪوڙو ثابت ٿيڻ تي ذميوار شخص کي 5 سال قيد جي سزا ملندي.

پيش ڪيو. جڏهن ته بل جي شق وار منظوري ڏني وئي. بل ۾ نيب چيئرمين جي ريٽائرمينٽ کانپوءِ جو طريقو واضح ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button