اسلام آبادپاڪستان

ڪمانڊر فساد خان جو فسادي مارچ بري طرح ناڪام ٿيو:پي ڊي ايم ترجمان

اسلام آباد : پي ڊي ايم جي ترجمان حافظ حمدالله چيو آهي ته ڪمانڊر فساد خان جو فسادي مارچ بري طرح ناڪام ٿيو، 20 لک ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جي دعويٰ ڪندڙ ڪجهه هزار ماڻهو به گڏ ڪري نه سگهيو. پنهنجي بيان ۾ حافظ حمدالله چيو ته قوم يوٽرن انقلابي ٽيم جي خوني مارچ کي رد ڪري ڇڏيو. حافظ حمدالله چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي ابتڙ عمران نيازي گادي واري هنڌ اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي. پي ٽي آئي جا غنڊا ريڊ زون ۾ داخل ٿيا انهن ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ باهيون لڳايون. ان سان گڏوگڏ سرڪاري ملڪيتن کي به نقصان ڏنو. هن چيو ته عمران نيازي پاڻ ڪنٽينر تان ڪارڪنن کي چڙ ڏيارڻ لاءِ ڊي چوڪ وڃڻ جو مسلسل اعلان ڪندو رهيو. هن چيو ته عمران نيازي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي نه مڃيو. حافظ حمدالله چيو ته ڇا سپريم ڪورٽ ان توهين عدالت جو نوٽيس وٺي عمران نيازي جي خلاف ڪارروائي ڪندي. پي ڊي ايم جي ترجمان چيو ته عدالت کي هاڻي ته پتو پئجي ويو هوندو ته عمران نيازي پرامن احتجاج نه پر وڳوڙ ڪرائڻ گهري پيو. حافظ حمدالله چيو ته پي ڊي ايم گهر ڪري ٿي ته توهين عدالت ڪندڙ عمران نيازي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button