اسلام آبادپاڪستان

عمران خان جو لانگ مارچ ختم،چونڊن جي اعلان لا 6 ڏينهن جي مهلت

اسلام آباد : اڳوڻي وزيراعظم ۽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لانگ مارچ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته 6 ڏينهن ۾ عام چونڊون ڪرايون وڃن، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته 20 لک ماڻهن سان گڏ وري اسلام آباد ايندس. ڪالهه صوابي کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ جناح ايونيو اسلام آباد پهتو، جتي لانگ مارچ کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته 30 ڪلاڪن ۾ ڪينٽينر تي پشاور کان هتي پهتو آهيان، رستن ۾ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ ڪئي وئي، چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته آزادي جي تحريڪ کي ناڪام بڻائڻ لاءِ هر قسم جو طريقو استعمال ڪيو ويو پر 30 ڪلاڪن ۾ ڏٺم ته قوم غلامي جي خوف مان آزاد ٿي وئي آهي. جهڙي نموني آزادي جي تحريڪ ۾ شامل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شلينگ جو مقابلو ڪيو، ان جو مثال نٿو ملي. عمران خان چيو ته ڇا جهموريت ۾ اهڙي قسم جا طريقا اختيار ڪيا ويندا آهن، هڪ ساٿي کي اٽڪ ۾ راوي دريا ۾ ڪيرائي شهيد ڪيو ويو، ٽن ڪارڪنن کي ڪراچيءَ ۾ شهيد ڪرڻ جون به خبرون مليون آهن، اسان جي هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڊيڄاريو وڃي ٿو ته جيڪڏهن خيرات نه ورتي ۽ قرض نه مليا ته ملڪ نه هلي سگهندو. قوم ڪنهن به صورت ۾ آمريڪي سازش تحت امپورٽڊ حڪومت کي تسليم نه ڪندي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان اعلان ڪيو هيوسين ته الڪيشن ڪميشن جي اعلان تائين اسلام آباد ڌرڻو هڻي ويهنداسين، پر گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڏٺوسين ته هي ماڻهو ملڪ کي فسادن ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن. هي ماڻهو فوج ۽ پوليس سان اسان کي ويڙهائڻ چاهن ٿا، پر هي پوليس به اسان جي آهي ۽ عوام به اسان جو آهي. اسان ملڪ کي ورهائڻ ناهيون آيا پر قوم کي سنوارڻ لاءِ آيا آهيون. هن چيو ته حڪومت کي 6 ڏينهن ڏئي رهيو آهيان، اسيمبليون ٽوڙيون وڃن ۽ جون ۾ چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوري قوم ساڻ وٺي ٻيهر اسلام آباد ايندس. حڪومتون ڪوڙن ڪيسن ۽ گرفتارين کان ڊيڄارينديون هيون، پهريون ڀيرو ڏٺو ته منهنجي قوم خوف کان آزاد ٿي چڪي آهي. اسان جي پارٽي کي ممي ڊيڊي چوندا هئا. مان سڄي رات پاڻ سان گڏ هر قسم جا ماڻهو ڏٺا، ڪارڪنن ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو جيئن مقابلو ڪيو ان جو ڪو مثال نه آهي. قوم ڪنهن به صورت آمريڪي سازش تحت امپورٽيڊ حڪومت کي تسليم نه ڪندي. مان اوهان جي همت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. سپريم ڪورٽ جي ججن تي هڪ وڏي ذميواري آهي، دنيا ۾ اهڙي ڪهڙي جمهوريت آهي جنهن پرامن احتجاج جي اجازت نٿي ڏني وڃي ۽ مظاهرو ڪندڙن کي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ، پوليس ڇاپن ۽ گرفتارين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو، ان جون مهربانيون جو حڪومت پاران اسان جي ڪارڪنن جي وٺ پڪڙ جو نوٽيس ورتو. عمران خان چيو ته ڇا جمهوريت ۾ اهڙا طريقا اختيار ڪيا وڃن ٿا، هڪ ساٿي کي اٽڪ ۾ ۽ هڪ کي راوي درياهه ۾ ڪري شهيد ڪيو ويو. ٽن ماڻهن کي ڪراچي ۾ شهيد ڪرڻ جا به اطلاع آهن. اسان جي هزارين ڪارڪنن کي گرفتار به ڪيو ويو. ڪارڪنن کي خطاب کانپوءِ عمران خان به پنهنجي گهر هليو ويو، جنهن کان پوءِ ڌرڻو ختم ٿي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button